نئون دمبالو  (ن پ ا) ٽنڊوغلام علي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران احتجاج ڪري روڊ تي  ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ان ڏس ۾  شهرين ايوب آرائين بسم اللّه پٺاڻ روشن مزاري ۽ ٻين چيو ته ٽنڊوغلام علي ٿاڻي جي حد نئون دمبالو ڪپري موري حاجي سانوڻ  ٻڍوقمبراڻي سميت پورو علائقو بدامني جي ور چڙهيل آھي رات دير سان ٻڍوقمبراڻي شهر ۾ رات چور سيٺ اعجاز آرائين جي ريزڪي دڪان جي ڇت ٽوڙي دڪان مان لکين روپين جو سامان ۽ روڪ رقم کڻي ويا گذريل ٻه مهينن دوران شهر ۾ ڏھ کان پندرنهن چوري جون وارداتون ٿي چڪيون  ۽ ٽنڊوغلام علي ٿاڻي جي پوري حد ۾ ڪيتريون ئي وارداتون ٿي چڪيون آھن  جنهن ۾ دڪانن کي کاٽ موٽرسائيڪل چوري جون ارداتون ٿي چڪيون آهن پر افسوس انتظاميه اڃا تائين هڪ به چوري واپس ناهي ڪرائي سگهي بدامني خلاف ڪاروائي نه ڪئي ته احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.