پيرولاشاري (ن پا) پيرولاشاري يوسي گهڙو جي ڳوٺ منگهو ڪولھي ۾ زمين جي تڪرار تان ڪولهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ويرسي، نارو، ۽ اڳوڻو يوسي ڪائونسلر چندر ۽ ٻه عورتون شامل زخمين کي انڊس اسپتال بدين نيو ويو. واقعي جو ڪيس پڻ ڪڙيو گهنور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.