ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ۾ آر او پلانٽس جي آپريٽرن پگهارون نه ملڻ خلاف روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو، ان موقعي تي منظور راهمون، ولي محمد منگريو، علي محمد ۽ ٻين چيو ته ٿرپارڪر هن وقت ناڪاره آر او پلانٽن جو قبرستان بڻجي ويو آهي، سنڌ سرڪار نه ٿر جا آر او پلانٽس فعال ڪري ٿي ۽ نه ئي اسان ئي ٻن سالن جون رهيل پگهارون جاري ڪري رهي آهي، هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ سبب ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هنن مطالبو ڪيو ته پگهارون ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي،