مٽياري (رپورٽر) مٽياري جي مختلف پارٽين جي گڏيل اتحاد عوامي اتحاد جي اڳواڻن مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ نصير ميمڻ ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو جي ڊي اي اڳواڻ سيد جلال شاھ ڄاموٽ جسقم اڳواڻ رشيد ڏيٿو جي يو آءِ اڳواڻ صاحب ڏنو ورياھ . نواز ليگ اڳواڻ منصور نواز ڀيو ۽ ٻين فنڪشنل ليگ ھائوس مٽياري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تازين برساتن کان پوءِ جي صورتحال تي گذريل ڏينھن مٽياري عوامي اتحاد پاران ماشاءَ الله ھائوس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنھن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ايس ٽي پي . مسلم ليگ نواز جي يو آءِ جسقم جماعت اسلامي ايس يو پي سنڌ سڪار سوسائٽي توڙي وسوا جي اڳواڻن شرڪت ڪئي آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت مٽياري عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڄام شوڪت ابڙو ڪئي ھئي ڪانفرنس ۾ برسات کان پوءِ جي صورتحال ۽ ٻوڏ جي ڪري سڄي ضلعي مٽياري کي جنھن نموني بي انتظامي . پي پي نوازي ۽ ڪرپشن سبب جنھن نموني تباھ ڪيو آهي ان صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو ويو اڳواڻن جو چوڻ ھو تہ ڪانفرنس ان نتيجي تي پھتو تہ ضلعي مٽياري کي برساتن کان وڌيڪ انتظامي نااھلي. بدعنواني . ڪرپشن ء پيپلزپارٽي نوازي تباھ ڪيو ويو آهي اڳواڻن چيو تہ ضلعي مٽياري جو ڊپٽي ڪمشنر ھتان جي بااثر پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو ڪمدار بڻيل آهي رليف لاء مليل 23 ڪروڙ مان سوا ڪروڙ رپيا ھڪ بااثر شخصيت کي ڏنا ويا آهن برسات متاثرن لاء آيل راشن من پسند ماڻھن کي ڏنو ويو آهي . 9 ھزار مڇردانين مان 3 ھزار مڇردانيون وڏيرن جي بنگلن تي انھن جي مال لاء پھچايون ويون آھن 3 ھزار خيما وڏيرن کي ڏنا ويا 9 سو کٽون ڪيڏانھن ويون؟ پنھنجا نوازي پاليسي خلاف مٽياري عوامي اتحاد ڀرپور تحريڪ ھلائيندي جنھن تحت 8 سيپٽمبر تي بکر جمالي کان سعيد آباد تائين پيدل مارچ ذريعي احتجاج ڪيو ويندو . 12 سيپٽمبر تي ٻاروچو باغ کان ھالا تائين پيدل مارچ ڪيو ويندو . 19 سيپٽمبر تي بائو ديرو کان ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ھائوس تائين پيدل مارچ ڪيو .