خيرپور (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه خيرپور جي اوستا گاهي پاڙي ۾ ٻڏي فوت ٿيل نينگري جي گهر پهچي سندس وارثن سان عذرخواهي ڪئي. ان موقعي تي هن فوتي نينگريءَ جي وارثن کي مالي مدد طور هڪ لک رپيا ڏنا. ان کان علاوه هن، ڳوٺ سانولو جماليءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل سهراب جمالي جي وفات تي سندس پٽ ۽ عبداللطيف جماليءَ جي گهر واري جي لاڏاڻي تي وارثن سان تعزيتون ڪيون ۽ مالي مدد طور 50- 50 هزار رپيا وارثن کي ڏنا.