ڪراچي: سردار تيغو خان تيغاڻي جي ڀاءُ مير عبدالنبي تيغاڻي پوليس تي گھر ۾ ڀڃ ڊاهه جو الزام هڻندي چيو آهي ته اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، پوليس پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ سردار کي گرفتار ڪيو، اسان عدالت جو در کڙڪائينداسين، ڪچي ۾ فوج ۽ رينجرز ذريعي آپريشن جي ضرورت آهي، “ٽائيم نيوز” سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوليس ڪارروائي نه پر يلغار ڪئي آهي، گھر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، سادن ڪپڙن سان به اهلڪار هئا، جن سردار سان بدڪلامي پڻ ڪئي. هن چيو ته پوليس پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ سردار تيغو خان کي گرفتار ڪيو پر او ليول ۾ پڙهندڙ سندس پٽن کي به کڻي وئي. هن چيو ته اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، گھڻن سياسي شخصيتن کي اسان جي سياسي سرگرمين تي اعتراض آهي، جڏهن ته اسان پنهنجا هزارين ووٽ به انهن کي ڏياريون ٿا. هن چيو ته ايس ايس پي امير سعود مگسي نئون آهي، سڀ ڪجهه ڊي آءِ جي ڪرائي پيو، اهو ڊي آءِ جي جڏهن ايس ايس پي هو ته اسان پنهنجو بنگلو به ان حوالي ڪيو هو، اسد رضا ۽ ڪامران نواز پنجوٿا سردار کي امن ايوارڊ ايئن نه ڏنو هو، سردار پاڻ ڪچي ۾ وڃي انهن کي مغوي بازياب ڪرائي ڏنا هئا. سردار تيغو خان جو امن جي حوالي سان وڏو ڪردار آهي، هن سدائين پوليس جي مدد ڪئي آهي ۽ پنهنجي برادري جي ڏوهارين کي گرفتار ڪرايو آهي. هن چيو ته ڳڙهي تيغو پڪي جو علائقو آهي، ڪو ماڻهو ٻئي ڪنهن علائقي مان بازياب ٿئي ٿو ته ان جي بازيابي به ڳڙهي تيغي مان ڏيکاري وڃي ٿي ته جيئن اسان بدنام ٿيون. هن چيو ته ڪچي ۾ آپريشن ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پوليس ڪچي ۾ وڃي ئي نه ٿي، ٻاهران بند تان ڦري موٽي ايندي آهي. هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ جيڪي 6 مغوي بازياب ڪرايا ويا، اهي به آپريشن نه پر ڊيل تحت بازياب ٿيا هئا، ڊيل تحت ماڻهو بازيااب ڪرائڻ بعد پوليس مقابلو ڏيکارڻ لاءِ ڪچي ۾ ڊرامو ڪرڻ وئي ته اصل مقابلو ٿي پيو، جنهن سبب اهلڪار شهيد ٿيا، ان تي تمام گھڻو ڏک پهتو آهي، هن چيو ته پوليس جون ڪاريون رڍون ڌاڙيلن سان مليل آهن، اغوا وارداتون ڪاروبار بڻيل آهن، رينجرز ۽ فوج جي ذريعي آپريشن ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پوليس آپريشن ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته سردار تيغو خان تي لڳندڙ سمورا الزام بي بنياد آهن، اسان ثبوتن سان عدالت وينداسين.