شڪارپور: قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مھاڏو اٽڪائيندي شھيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي ظفر چنا، زاھد ڀنڀرو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته شھيد پوليس اهلڪارن جي جوانن جو رت شڪارپور ۾ ڌاڙيلن جو صفايو ڪندو، اڳواڻن چيو ته ڌاڙيلن خلاف بي رحماڻو آپريشن ٿيڻ گهرجي.