نوشهروفيروز (رپورٽر) شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ شھيد ٿي ويل نوشهرو فيروز پوليس جي بڪتربند گاڏي جي ڊرائيور پوليس اھلڪار عبدالخالق سولنگي کي نوشهروفيروز ۾ پوليس اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري ۽ ٻين عملدارن سان گڏ شھرين وڏي انگ شرڪت ڪئي. جڏھن ته شھر جي سنڌ ڪالوني ۾ شھيد اھلڪار جو تڏو وڇايو ويو آھي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شھيد جي ڀاءُ عبدالجبار سولنگي انڪشاف ڪيو ته ڇنڇر رات ڀاءُ کي حڪم مليو ته بڪتربند گاڏي شڪارپور پھچائڻي آھي. جڏھن ھو ڪنڊيارو ويجھو پھتا ته ھٿياربند کانئس موبائيل فون ڦر ڪري ويا ۽ آچر جي ڏينھن وري سندس شھادت جي خبر ملي. شھيد جي پٽ خالد حسين ٻڌايو ته بابا ھميشه وڏن آپريشن ۾ حصو ورتو، خاص ڪري لياري ڪراچي سميت جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ ٿيل آپريشنن ۾ حصو ورتو ھو. ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ بھادري سان حصو وٺي شھادت ماڻيندڙ نوشهروفيروز جي اھلڪار عبدالخالق سولنگي جو مڙهه شڪارپور کان نوشھروفيروز نيڻ لاءِ پوليس کاتي پاران ايمبولينس به نه ڏني وئي، جنھن ڪري شھيد اھلڪار جي مجبور وارثن شڪارپور مان پنھنجي ذاتي ڪرائي تي ايمبولينس ڪرائي مڙهه نوشهروفيروز آندو.