ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽريول ايجنٽ اظهر اقبال جي گمشدگي بابت داخل ڪيل درخواست تي  درخواستگذار کي ٽرائيل ڪورٽ ۾ ثابتيون پيش ڪرڻ ۽ پوليس کي شفاف جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه گم ٿيل ٽريول ايجنٽ اظهر اقبال جي گهر واري اقرا پاران مڙس  جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پوليس عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي سرڪار پگهار ڏئي رهي آهي، اوهان پنهنجا فرض به نڀايو، عدالت وڌيڪ چيو ته اوهان کي پوليس جي وردي به ان ڪري پارائي وئي آهي جو اوهان ماڻهن جي حفاظت ڪري سگهو. عدالت چيو ته جيڪي به حقيقتون آهن، اهي ٽرائيل ڪورٽ آڏو رکيون وڃن، بنا سبب ڪنهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وڃي. ان موقعي تي درخواستگذار اقرا عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي مڙس کي پرائيويٽ ماڻهن اغوا ڪيو آهي، اسان وٽ اهڙيون  ثابتيون موجود آهن پر پوليس ڪارروائي نه پئي ڪري،ان موقعي تي عدالت درخواستگذار کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان چئو ٿيون ته پوليس يا ڪنهن سرڪاري اداري اوهان جي مڙس کي حراست ۾ وٺي  غائب ڪيو آهي ته اسان سرڪاري ادارن کان پڇون ها، اوهان جو الزام پرائيويٽ ماڻهن تي آهي، تنهن ڪري ٽرائيل ڪورٽ ۾ پيش ٿي ثابتيون جمع ڪرايو. اقرا خاتون ڄاڻايو هو ته منهنجي مڙس کي 15 ڏينهن اڳ فيروز آباد مان پرائيويٽ ماڻهو  کنڀي ويا، عدالت کي گذارش آهي ته منهنجي مڙس کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.