ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سڀاڻي کان برساتن جو  نئون سلسلو  داخل ٿيندو، موسميات کاتي موجب 4 ۽ 5 آگسٽ جي وچ واري رات جو سنڌ ۾ برساتن جو داخل ٿيندڙ سلسلو 9 آگسٽ تائين جاري رهي سگهي ٿو، انهي دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد، بدين، ٺٽي، سجاول ، ٽنڊوالهيار، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي، ڄامشورو دادو، نوشهرو فيروز ، شڪارپور، جيڪب آباد  ۽ گهوٽڪي سميت ٻين ضلعن ۾ به وسڪارو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته 6 آگسٽ کان ڪراچي ۾ به  وسڪاري جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب  ڪٿي وچولي ته ڪٿي تيز برسات  ٿيندي ، برسات دوران هيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي سگهي ٿو، اهو برساتي سلسلو 9 آگسٽ تائين جاري رهي سگهي ٿو.