بدين: سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ برساتن  جي نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتل وزيرن جي پريس بريفنگ لاءِ گڏ ٿيل صحافين کي ٽن ڪلاڪن تائين انتظار ڪرائڻ باوجود پريس بريفنگ نه ڏياري وئي، جنهن کان سمورا صحافي احتجاج طور واپس روانا ٿي ويا،  ٻئي طرف بدين جي سينئر صحافين موجب ته ضلع انتظاميه پنهنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ صحافين کي وفاقي وزيرن کان پري رکيو آهي، ٻئي پاسي وفاقي وزير شيري الرحمان جي بدين جي دوري دوران سيراڻي روڊ وارڊ نمبر 8 جي رھواسين ،پنھجن گهرن ۽گھٽين ۾ برسات جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف روڊن تي نڪري آيا، شام شيدي،ماجد ، امتياز ابڙو نثار احمد ٽالپر،  علي، ماجد رستماڻي ۽ ھاشم جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو، متاثرين موجب ته  برساتن کي  ھڪ ھفتي کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود به ضلعي انتظاميا، سيراڻي روڊ جي مختلف پاڙن مان پاڻي نيڪال نه ڪيو آھي جنھن جي ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ رھواسي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور سيراڻي روڊ پير ملوڪ شاھ پاڙو مان برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ڊي سي آفيس سامهون احتجاجي ڪيو ويندو.