بيجنگ (م ڊ) آمريڪي نمائندگان جي ايوان جي اسپيڪر نينسي پلوسي چين جي ڌمڪي باوجود تائيوان پهچي وئي، چين جو سخت ردعمل، نئين ڌمڪي ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا  دعويٰ ڪئي آهي ته نينسي پلوسي جو جهاز تائيوان لينڊ ڪري ويو آهي، آمريڪي اسپيڪر ملائيشيا کان تائيوان پهتي، جنهن کانپوءِ هو ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان به ويندي. تائيوان دوري تي پهتل نينسي پلوسي چيو ته دورو تائيوان جي مضبوط جمهوريت جي ڀرپور حمايت جو عڪاس آهي، تائيوان جي قيادت سان اسانجي ڳالهه ٻولهه گڏيل مفادن کي هٿي ۽ حمايت جي تائيد آهي، هن دوري جو مقصد هڪ آزاد انڊوپيسيفڪ خطي کي هٿي ڏيڻ آهي. واضح رهي ته چين ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو هو ته آمريڪي اسپيڪر جو دورو تائيوان – چين جي اندروني معاملن ۾ مداخلت هوندو. هاڻ نينسي پلوسي جي تائيوان پهچڻ تي چين جي پرڏيهي وزارت جو سخت ردعمل سامهون آيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چيني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته آمريڪا باهه سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، چين تائيوان ۾ آمريڪي چرپر کي قطعي برداشت نه ڪندو. چيني پرڏيهي وزارت موجب آمريڪا بدمعاشي جي سياست تي هلي رهيو آهي، نينسي جو جي تائيوان دوري جي پڄاڻي آمريڪين لاءِ سٺي ثابت نه ٿيندي. ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ردعمل ڏيندي چيو آهي ته چين ذميواري جو مظاهرو ڪري. ٻئي پاسي وائٽ هائوس جي قومي سلامتي بابت ترجمان جان ڪربي چيو ته ايوان نمائندگان جي اسپيڪر پلوسي کي ٻين آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن وانگر تائيوان وڃڻ جو حق آهي.