ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس اھلڪار جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڪوثر عرف منا جي اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت عمر قيد جي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏيندي خوف پکيڙڻ  بابت دهشتگرديءَ جون شقون ختم ڪري ڇڏيون، جڏهن ته خوف پکيڙڻ تان آيل  عمر قيد جي ٻڌايل  سزا به ختم ڪري ڇڏي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پوليس مقابلي ۾ اھلڪار جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾  پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته مئي 2020 ۾ سرجاني ٽائون ۾ پوليس چيڪنگ دوران هڪ شڪي موٽرسائيڪل کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، موٽر سائيڪل سوارن بيهڻ بجاءِ پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار فيصل ۽ هڪ پوليس اهلڪار محبوب مارجي ويا، جوابدار ڪوثر عرف منا کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو، واضح رهي ته خاص عدالت جوابدار کي ٻه ڀيرا عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ھئي.