قمبر (رپورٽر)  قمبر جي علي خان پاڙي ۾ 11 ڏينهن اڳ   قتل ٿي ويل پوليس اهلڪار نعيم عباس قريشي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پوليس جي لاپرواهي   خلاف مقتول جي وارثن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ريلي ڪڍي  ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ ڪيس جي فريادي نويد عباس قريشي، سيد اخلاق شاهه، محمد علي هڪڙو،  مجاهد حسين شاهه، سراج چانڊيو ۽ ٻين چيو تہ قتل ڪيس ۾ نامزد پ پ ضلعي قمبر جي جنرل سيڪريٽري پنهل سومرو ۽ سندس ڀاءُ لياقت سومرو کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،  ايس ايس پي ڪمداري وارو ڪردار ادا پيو ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.