حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سائيٽ جي علائقي ڳوٺ خيرل جمالي مان 17 ڏينهن اڳ بدين پوليس هٿان ٻارڙي سميت کنڀي گم ڪيل ٻه عورتون واپس گهر پهچي ويون آهن. گذريل ڏينهن پريس ڪلب ۾ بدين پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل مسمات حڪيمه چانڊيو پنهنجي مڙس سنجر چانڊيو سان گڏ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. هن چيو ته بدين ۾ سندن 19 ايڪڙ زرعي زمين آهي جيڪا بااثر شخص ڀڳڙن جي مٺ تي خريد ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن ۽ انڪار تي سندن هاڻي پٽ راجا چانڊيو کي هاف فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته بدين پوليس بااثر ماڻهن جي چرچ تي 30 سيپٽمبر تي ڇاپو هڻي گهران مسمات حڪيما کي کنڀيو ۽ کانئس پڇا بعد بدين ۾ ڪارروائي ڪري صغريٰ کي ڏيڍ سال جي معصوم ڌيءُ اقرا سميت کنڀي لاڳيتو گم ڪيو. اهلڪار مٿن تشدد ڪري هراسان ڪندا هئا. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن بيگناهه کنڀي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائيندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ اچي سگهي.