جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ هڪ ڏينهن اڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري ثناءَ ۽ نوجوان سجاد کوسو جي ڪيس ۾ پوليس فريادي ٿيڻ بدران  وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن، مقتولا  ثناءَ جي پيءُ سردار کوسو جي فرياد تي ناري جي مامي بهرام فقير ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار خلاف صدر ٿاڻي تي 302 قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيس ۾ ڪارنهن بدران ڌيءَ کي مڙس جي گهر وٺي وڃڻ جي معاملي تي قتل ڪرڻ جو ذڪر ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته مقتولا  جي پيءُ واقعي واري ڏينهن ڪارنهن هيٺ ٻٽي قتل جو الزام مڙهيو هو پر جيڪب آباد جي صدر ۽ مولاداد ٿاڻن تي داخل ٿيل ڌار ڌار ڪيسن ۾ ڪارنهن جو ذڪر نه ڄاڻايو ويو آهي ۽ داخل ٿيل بنهي ڪيسن ۾ اسٽوري به مختلف ڄاڻائي وئي آهي، جنهن سبب ڪيس ڪمزور ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ عورتن جي تنظيم جي اڳواڻ حسين مسرت پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪب آباد ۾ ٻٽي قتل جو واقعو ڪارنهن تحت پيش آيو آهي ٻنهي ڪيسن ۾ ڌر اسٽيٽ کي بڻجڻو هو پر پوليس سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ بدران وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ۽ ٻنهي ڪيسن ۾ اسٽوري به مختلف ڄاڻائي وئي آهي، جنهن سبب ڪيس ڪمزور ٿي ويو آهي، پوليس ڪيس کي لوڙھڻ لاءِ  پلاننگ تحت وارثن کان ڪيس داخل ڪرايو جيئن اڳتي هلي ڌريون راڄوڻي تحت رضامندي ظاهر ڪن ۽ ڪيس ختم ٿي وڃي، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل ٿيڻ جو ڪيس ڌار ڌار وارثن جي فرياد تي داخل ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ملوث جوابدارن خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏياري وڃي، هوڏانهن ايس ايچ او صدر موجب ته وارثن جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وارثن ناري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو موقف اختيار ناهي ڪيو، جنهن سبب سرڪار پاڻ فريادي ٿيڻ بدران  وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.