ملير (رپورٽر) پورٽ قاسم اٿارٽي جي سي بي اي ريفرنڊم ۾ ايم ڪيو ايم جي حمايت يافته يونين 513 ووٽ کڻي ڪامياب:  پيپلز پارٽي جي حامي يونين 500 ووٽ کڻي سگهي پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ ايندڙ ٻن سالن لاءِ متحده پاڪستان جي حمايت يونائيٽڊ ورڪر فرنٽ ڪاميابي ماڻي آهي، ريفرنڊم جوائنٽ ليبر ڊائريڪٽر سنڌ جي نگراني ۾ ٿيو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي حامي پيپلز ليبر يونين،  متحده جي يونائيٽڊ ورڪرز فرنٽ،  پي ٽي آءِ جي انصاف ورڪر يونين سميت 6 يونينن حصو ورتو، ريفرنڊم لاءِ  ڪل ووٽرن جو تعداد 1117 هو،  ايم ڪيو ايم جي حمايتي يونائيٽڊ ورڪر فرنٽ 517 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، نتيجا اچڻ بعد سي بي اي يونين جي ڪارڪنن سوڀ تي جهمريون هڻي قومي نغمن تي رقص ڪيو ۽ مٺايون ورهايون. ڪامياب سي بي اي يونين جي سربراهه نور محمد جلباڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پورٽ قاسم جي پورهيتن ۽ ملازمن جي روزگار جي تحفظ  ۽ بهتر مستقبل لاءِ ڪوششون وٺبيون