ڇاڇرو (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران  4 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان بعد ڇاڇرو ۾ به فنڪارن پاران تياريون شروع ڪيون ويون آهن، ساز وڄائيندڙ فنڪار استاد شڪور فقير پاران ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان ڪندي محفل سڄائي وئي، جتي سنڌ امڙ جي خوشحالي ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون،ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان راڳ رنگ جي محفل ۾ قديمي ساز وڄائيندڙ شڪور فقير ۽ الغوزي نواز مقبول احمد منگريو،فنڪار اصغر ٿري،فنڪار عيدل فقير،فنڪار فقير محروم ۽ ٻين پاران سنڌ امڙ تي خوبصورت گيت پيش ڪندي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.