حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ قائد عوام يونيورسيٽي نوابشاهه جي امتحاني ڪنٽرولر ۽ چيئرمين ماحوليات ڪميٽي خلاف درخواست تي مضمون ڪاپي ڪرڻ بابت جوڙيل وائيس چانسلر جي جاچ ڪميٽي کي رد ڪندي ٻن مهينن دوران معاملي جي جاچ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڊائريڪٽر اسپورٽس حميد پيرزادو وڪيل مير احمد مڱريو معرفت ڪنٽرولر خلاف پٽيشن داخل ڪرائي هئي ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر غيرقانوني طور مضمون ڪاپي ڪندڙ ڊاڪٽر ڪشن چند مڪواڻا کي ڪنٽرولر سميت هڪ ئي وقت ٻيا عهدا ڏئي ڇڏيا آهن. پٽيشن تي ٻڌڻي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته گذريل هفتي هيڪ رپورٽ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته مضمون 29 سيڪڙو ڪاپي ٿيل آهي جنهن ڪري عملدار کي هيڪ قانون موجب سزا ٻڌائي وڃي. ان دوران ماحوليات ڪميٽي جي اڳوڻي انچارج ڊاڪٽر آصف ميمڻ جي وڪيل جاويد سومرو عدالت کي آگاهي ڏني ته 2015ع دوران ڊاڪٽر ڪشن چند مڪواڻا چائنيز عورت جو ماحوليات بابت لکيل مضمون ڪاپي ڪري ان کي جنرل جو حصو بڻايو هو. پٽيشنر جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته مضمون ڪاپي ڪندڙ عملدار جي حوالي سان جاچ ڪميٽي جوڙيندڙ وائيس چانسلر به معاملي جو ذميوار آهي ان ڪري جاچ ٿرڊ پارٽي کان ڪرائي وڃي. جسٽس محمود اي خان رمارڪس ڏنا ته وائيس چانسلر پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ۽ پيش ڪيل رپورٽ کي رد سمجهيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد 60 ڏينهن دوران هيڪ کي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.