سکر (بيورو رپورٽ) نيشنل ھاءِ وي جي تباھ حالي بابت سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل پٽيشن جي ٻڌڻي، عدالت طرفان ھاءِ وي اختيارين مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي رمارڪس ۾ چيو آهي ته جيستائين روڊ نٿو ٺھي تيستائين ٽول ٽئڪس نه ورتو وڃي. عدالت 20 نومبر تي اين ايچ اي چيئرمين ۽ سنڌ جي ميمبر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ اين ايچ اي جي تباھ حاليءَ بابت داخل درخواست جي ٻڌڻيءَ دوران وڪيل شبير شر دليل ڏيندي چيو ته نيشنل ھاءِ وي جي خراب حالت ۽ موٽروي نه ٺهڻ سبب حادثن ۾ انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ حادثي ۾ خيرپور جا رهواسي 22 ڄڻا فوت ٿي ويا. نيشنل ھاءِ وي ۽ موٽر وي نه ٺهڻ ڪري انساني جانيون ضايع ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. ان دوران نيشنل ھاءِ وي طرفان اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وئي، عدالت رپورٽ رد ڪندي عملدارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رماڪس ڏيندي چيو ته انساني جانيون ضايع پيون ٿين، روڊ تعمير ۽ حالت بھتر ٿيڻ تائين ٽول ٽئڪس جي اوڳاڙي نه ڪئي وڃي. بعد ۾ عدالت چيئرمين اين ايچ اي ۽ لاڳاپيل واسطيدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 20 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.