ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور  صوبي ۾ سوشل سيڪيورٽي عدالتن جي قيام بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران  مزدورن جي داد رسي لاءِ فورم نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار ماهوار مقرر ڪئي آهي جيڪا رڳو ڪاغذن تائين محدود آهي، اڄ به پورهيتن کي 10 هزاررپيا  ماهوار پگهار ادا ڪئي پئي وڃي، عوام جي حالت ڏسو، انهن وٽ پائڻ لاءِ ڪپڙا به ناهن، عدالت پنهنجن ريمارڪس ۾ چيو ته ڪمپنين/ فيڪٽرين  ۾ مرندڙن مزدرن جا ذميوار اسين آهيون، ڇو جو اسان سندن  حقن جي ڳالهه نٿا ڪريون، عدالت ليبر واري سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا پيٽرول پمپن تي ڪم ڪندڙ پورهيت رجسٽرڊ آهن؟ ڇا توهان پورهيتن کي حق نه ڏيندڙ ڪنهن فيڪٽري مالڪ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي؟ ڇا توهان ڪا آگاهي مهم هلائي آهي ته مزدورن کي رجسٽرڊ ڪري رهيا آهيو،  عدالت سيسي وارو ادارو فعال نه ھئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سيسي  چيئرمين کي طلبي ورتو ڪيو، ان موقعي تي قانون واري کاتي طرفان جواب جمع ڪرائي ڄاڻايو ويو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد وارو  معاملو  سيسي ڪمشنر آڏو رکيو ويو، جنهن تي سيسي ڪمشنر چيو ته ان حوالي سان ليبر ڪورٽون ڪيسن جون ٻڌڻيون ڪري رھيون آھن، ليبر کاتي جي سيڪريٽري عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي سمري موڪلي ڇڏي آهي، اهو معاملو ڪابينا آڏو رکيو ويو آهي ته 2 ليبر ڪورٽن ۾ 24 ڪيس التوا ۾ آهن، جنھن تي عدالت چيو ته صوبائي ڪابينا کي عدالتي حڪمن بابت  صحيح ڄاڻ نه ڏني وئي، هاڻ ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڪابينا جي ميمبرن کي  صحيح بريفنگ ڏين، عدالت چيو ته صوبي ۾ ڪنزيومر ڪورٽون قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي ڪريم ۽ اوبر جا ڪيس به ٻڌي رهيون آهن،  عدالت چيو ته سوشل سيڪيورٽي عدالتون قائم نه ڪرڻ سان 10 لک خاندان بنيادي حقن کان محروم ٿي سگهن ٿا، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 7 فيبروري 2023 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.