اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو مامرن جي اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته لنڊن ۾ استخاري واري ميٽنگ 7 ڏينهن جي چلي ۾ بدلجي وئي آهي، حڪومت ٺپ ٿي وئي آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾هن وڌيڪ چيو ته مقرري پسند ناپسند تي نه پر آئين ۽ قانون مطابق ميرٽ تي ٿيندي، شيخ رشيد چيو ته احتساب، حساب ۽ چونڊ ضرور ٿيندي، 30 نومبر کان پوءِ 13 پارٽيون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون، 15 ڏينهن اهم آهن ان ڪري 30 نومبر تائين ٽي وي نه پر ٽوئيٽر تي هليو ويو آهيان.