اسلام آباد (م ڊ) ڊي جي ايف آءِ محسن بٽ چيو آهي ته اسان کي يقين آهي ته ڪينيائي پوليس صحافي ارشد شريف جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث  آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي ايف آءِ اي محسن حسن بٽ چيو ته ڪينيا جي پوليس چئن مان هڪ آفيسر کي پاڪستاني جاچ ٽيم آڏو پيش ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن هڪ آفيسر کي پيش نه ڪيو ويو اهو  ارشد شريف تي گوليون هلائڻ وارن ۾ شامل هو. ڊي جي ايف آءِ اي موجب پاڪستاني جاچ ٽيم ڪينيا پوليس جي ٽن شوٽرز کان پڇاڳاڇا ڪري چڪي آهي، ٽنهي جي بيانن ۾ نه رڳو ڳنڀير قسم جا تڪرار آهن پر بيان غير منطقي آهن، اسان کي يقين آهي ته ڪينيائي پوليس ارشد شريف جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي، ڪينيا جي پوليس ان شوٽر تائين پهچ نه پئي ڏئي جنهن جو 2 هفتا اڳ هٿ زخمي ٿي پيو هو، ان آفيسر بيان انتهائي اهم هجي ها پر ان تائين پهچ نه ڏيڻ انتهائي عجيب ڳالهه آهي. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته ايندڙ قدم ارشد شريف جي قتل واري ڪيس جو ايڪسٽرا ڊيشن ايڪٽ جي سيڪشن چار تحت پاڪستان اندر ايف آءِ اي ۾ داخل آهي ۽ اهو ان وقت داخل ٿيندو جڏهن وفاقي سرڪار حڪم جاري ڪندي. هن جو چوڻ هو ته ڪينيائي پوليس عالمي قانون تحت صحافي جي اهڙي قسم جي وحشياڻي قتل جهڙي ڏوهه جي جاچ ۾ سهڪار جي پابند آهي، گڏيل ٽيم جي جاچ اڃا غيرحتمي آهي ۽ ٽيم تمام جلد گڏيل عرب رياستن جو دورو ڪندي. ٻئي پاسي ڪينيائي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس خلاف جاچ هلي رهي آهي، انڪري هو ان موضوع تي نٿا ڳالهائي سگهن، ارشد شريف جي گاڏي کي ناڪي تي روڪڻ واري معاملي تي شڪ شهبا موجود آهن.