اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي ڪينيا ۾ قتل ٿيل سينيئر اينڪر پرسن ۽ صحافي ارشد شريف جي پوسٽ مارٽم  رپورٽ سندس والده جي حوالي ڪري ڇڏي، ذريعن مطابق ارشد شريف جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ڪينيا جي اختيارين کي به ڏني وئي آهي، رپورٽ مطابق ارشد شريف جي جسم تي تشدد جا نشان مليا آهن، ارشد شريف جي آڱرين جا ننهن به ڇڪيا ويا آهن، واضح رهي ته ارشد جي والده ايف آءِ اي طرفان پوسٽ مارٽم رپورٽ نه ٿيڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو.