پنگريو (ن پ ا) پنگريي جي وارڊ نمبر 2 شيدي پاڙي ۾ پوليس گھرن جي تلاشي ڪري بجلي جو ڪم ڪندڙ  اسماعيل آرائين کي گرفتار ڪري وئي، جڏهن ته وارڊ نمبر 3جي سمان پاڙي ۾ خالد سمون ۽ ابن شاه کي گرفتار ڪري پاڻ سان کڻي وئي جنھن خلاف شيدي پاڙي جي عورتن ۽ مردن پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي پنگريو ٽنڊوباگو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. گل محمد شيدي ذاڪر حسين شيدي لعل خاتون ۽ بچان   ۽ ٻين چيو ته پوليس سندن گھرن ۾ گھڙي ڀڃ ڊاهه ڪري چادر چوديواري جو تقدص پامال ڪيو آھي. گھرن مان ڪا به منشيات ھٿ نه آئي آھي  نا انصافي جو ازالو ڪيو وڃي. ھوڏانھن ڳوٺ شريف چانڊيو تي به ڇاپو ھڻي سوين ليٽر ڪچو شراب ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ  ڪئي پئي وڃي.