نصيرآباد( رپورٽر) گاجي کھاوڙ لڳ ڳوٺ ڀاڻ لاڙ جي رھواسي محمد عثمان لاڙ ۽ عبادس لاڙ تعلقه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منھنجو 26 سالن جو پٽ محمد حسن لاڙ ڪراچي روزگار لاءِ ويل ھئو، جيڪو 7 آڪٽوبر تي صبح 10 وڳي ڪراچي کان گاجي کھاوڙ لاءِ نڪتو ھئو، پر 14 ڏينھن گذرڻ باوجود گھر ناھي پھتو، ھنن چيو ته نوجوان جو ذھني توازن ٺيڪ نه آهي، نوٽيس وٺي  نوجوان جي  ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.