محرابپور (ن پ ا) محرابپور ۾ نجي ڪمپني جي ملازم کي ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جو پرائمري استاد مٿان عدالتي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، شهر جي وارڊ نمبر 12 واسي نوجوان غضنفر عباس گلال جي فرياد تي پرائمري استاد ارشد حسين شيخ مٿان ساڍا 7 لک رپين جا ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جو محرابپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته استاد ارشد شيخ ساڍا ست لک رپيا اوڌارا وٺي ان جا اڍائي اڍائي لکن جا 3 چيڪ ڏنا، جيڪي مقرر تاريخ تي پاس نه ٿيا، جنهن بعد ايڊيشنل سيشن جج ڪنڊيارو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، هوڏانهن ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.