پنگريو   (ن پ ا) پنگريو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سيم نالن ۽ ڍوري پراڻ جو گندو پاڻي بيٺل آھي پاڻي بدبودار ٿيڻ سان گڏ زھريلو به ٿي ويو آھي گندي پاڻي جي ڪري چمڙي  ڊائيريا ۽ مليرياجون بيماريون وڌي ويون آھن  پنگريو آسپاس الخدمت ۽ آغا خان پاران پراڻ ڍوري جي گھارن جي متاثر 8يونين ڪائونسلن ۾ موبائيل ميڊيڪل ٽيمون ڪم ڪن پيون پر متاثرن جو انگ ھزارن ۾ ھجڻ ۽ روڊ رستا پاڻي ھيٺ ھجڻ سبب متاثرن جي وڏي انگ تائين صحت جون صحولتون پھچي ناھن سگھيون  ياد رھي ته پراڻ نندي کي ايم ايم ڊي 4آر ڊي وٽان لڳل گھاري کي 30 ڏينھن گذري ويا آھن پر گھارو ٻڌجي نه سگھيو آھي انھي سلسلي ۾ xen ايل بي او ڊي سريش ڪمار جو چوڻ آھي ته گھاري جي وچ واري حصي جي گھرائي 30فوٽن کان به وڌي وئي آھي جنھن ڪري وچ جو 40 کان 50 فوٽن جو ٽڪرو پاڻي جو دٻاء برداشت نٿو ڪري ۽ لڙھي وڃي ٿو جنھن ڪري گھارو جئين پوء تيئن ٻڌڻ ڏکيو ٿي رھيو آھي.