ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي خان ٻاهران چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهرو اڻبڻت تان جھيڙو ٿي پيو،  جهيڙي دوران فائرنگ ۾ مير چانڊيو قتل ٿي ويو،  جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام شبير ۽ غلام شبير جي گهرواري بهاران خاتون زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف عورتن ٻارڙا ساڻ ڪري مقتول  جو لاش رکي شڪارپور_رتوديرو انڊس هاءِ وي تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هنيو، 7 ڪلاڪ ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي ڀيڻ حسينا فاروق چانڊيو ٻڌايو ته سڄڻ چانڊيو، علي حسن چانڊيو وارن ھٿياربند ساڻ ڪري اسان تي حملو ڪري منهنجي ڀاءُ مير خان چانڊيو کي قتل ۽ ڀاءُ غلام شبير، بهاران خاتون کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، پوليس قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي  هوڏانهن ڊکڻ پوليس ٻڌايو  ته چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين سڄڻ ۽ مير چانڊيو ۾ معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿي  پيو، هڪ ڄڻو مير چانڊيو قتل ۽ سندس ڀاءُ ۽ ڀاڄائي زخمي آهن، ڪيس داخل ڪيو آهي، ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. جڏهن ته مقتول مير چانڊيو جو قتل ڪيس سندس ڀيڻ حسينا فاروق چانڊيو جي فرياد تي 6 عورتن سميت 16 جوابدارن سڄڻ چانڊيو،سڪندر چانڊيو،علي حسن چانڊيو،شريف، غلام قادر،الطاف،مسمات سسئي مسمات ضميران  خاتون  خلاف داخل ڪيو ويو  آهي.