پنگريو (ن پ ا) ڳوٺ يوسف جوڻيجو واسين پاران بااثر خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  عبدالرشيد جوڻيجو، عبدالستار جوڻيجو، خالده جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته ڇتو گڏهه گھرن ۾ ڪاھي  پيو، جنھن کي اڳ ۾ ئي ڪھاڙيو لڳل ھيون ۽ اسان به ڌڪ ھنيا، جنھن ڪري گڏهه مري ويو، جنھن تان گڏهه جي مالڪ اسان  مٿان  پنگريو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي، هنن الزام هنيو ته پوليس اسان کي گڏهه جي رقم ڀري ڏيڻ لاءِ تنگ ڪري رهي آهي، بااثر  گڏگه جي رقم مينھن کان به وڌيڪ رکي آھي، غريب آهيون، رقم نه ٿا ڀري سگهون انصاف ڪيو وڃي.