سيراڻي (ن پ ا) سيراڻي ڀرسان يونين ڪائونسل ڀڳڙا ميمڻ جي ڳوٺ الهڏنو منڌرو جي رهواسين پاران ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجن طور ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ڳوٺاڻن  الهڏنو منڌرو،عبدالڪيم عرف ڪارو منڌرو ۽ ٻين ٻڌايو ته برسات کي بند ٿيندي ٽي مهينا گذري ويا آهن اسان جو ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ اڃان تائين ٻڏل آهي، شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.