خيرپور (رپورٽر) خيرپور آرٽس ڪائونسل پاران نومبر جي پھرين ھفتي ۾ لٽريچر اينڊ ڪلچرل فيسٽول (ادبي ۽ ثقافتي ميلو) منعقد ڪرڻ جو فيصلو. اهڙو فيصلو اداري جي سربراهه سانول ڳاھو جي صدارت هيٺ ورڪنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ اڪبر شاھ، پيراڻو ڀنڀرو، مرتضيٰ ڦل، شاھنواز ڪلھوڙو، ممتاز ڪنول، تاج سروھي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. لٽريچر اينڊ ڪلچرل فيسٽول ۾ محفل موسيقي، ادبي ويھڪ، سگھڙ ڪانفرنس، ليڪچر پروگرام، يوٿ ڪانفرنس ۽ اسٽيج ڊراما ڪرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.