جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي اسٽيشن روڊ تي قائم ڊاڪٽر وڪرم جي نجي ڪلينڪ تي بلوچستان جي علائقي مگسي شاخ واسي غلام قادر رند پنهنجي 3 ورهين جي پٽ عبدالوحيد رند کي کڻائي آيو، جتي علاج دوران ٻار فوت ٿي ويو. فوتي ٻار جي پيءُ لاش کڻي احتجاج ڪندي دانهيو ته پٽ ڊاڪٽر وڪرم جي غفلت سبب فوت ٿيو آهي، ڊاڪٽر پاران بروقت علاج نه ڪيو ويو، اسان کي 3 ڪلاڪن تائين انتظار گاهه ۾ ويهاريو ويو، پٽ جي طبيعت خراب ٿيڻ تي اسٽاف کي منٿون ڪيون ويون جنهن کانپوءِ علاج ڪيو ويو جنهن سبب ٻار فوت ٿي ويو آهي هن چيو ته ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر وڪرم رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگر جي طبيعت خراب هئي جنهن کي دوائون لکي ڏنيون ويون اسان وٽ داخلا لاءِ وارڊ نه هو جنهن لاءِ ٻار جي وارث کي چيو ويو ته مريض کي سرڪاري اسپتال کڻائي وڃن انهن دير ڪئي جنهن سبب ٻار فوت ٿيو آهي.