پنگريو(اسپورٽس نيوز) ھائير سيڪنڊري اسڪول پنگريو  جي گرائونڊ تي تلعقي سطح جي 11 ٽيمن ۾ شھيد بينظير ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ پنگريو اليون کٽي ورتو. پنگريو اليون  پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر  10  اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 105رنز ٺاھي سگھي، جواب ۾ ٽنڊوباگو جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر اوورن ۾  97 رنز ٺاھي سگھي. اھڙي طرح پنگريو اليون 8 رنز تان  شھيد بينظير ڀٽو ڊي ٽورنامنٽ پنھنجي نالي ڪري ورتو. ونر ٽيم جي ڪپتان زين شاهه ۽ رنر ٽيم جي  ڪپتان انس زئور کي ونر ۽ رنر اپ ٽرافيون ڏنيون ويون.