اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ڀرسان کنياري ۾ حاجي صفر ٻانڀڻ جي ورسي جي سلسلي ۾ ٽن ڏينهن واري ميلي جون تقريبون شروع ٿي ويون، اٺن جي ڊوڙ ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي مختلف علائقن جوهي، دادو، عمر ڪوٽ نارو، صالح پٽ، سانگهڙ مان شوقين اٺ ڪاهي پهتا. اٺن جي ريس ۾ حصو وٺندڙ اٺن جي سينگار سميت مختلف ڪرتبن ڊانسن، ڊوڙ سميت مختلف ڪرتبن سان شوقينن کي لطف اندوز ڪري انعام اڪرام حاصل ڪيا. ڪبوتر ۽ برسات نالن جي اٺن ڊوڙ جي ميدان ۾ ماهر سوارن جي قابليت سبب بهترين انداز ۾ ڊوڙ ۽ ناچ ڪري شوقينن ۽ تماشائين کان خوب داد حاصل ڪيو. ميلي ۾ ٻه ڏينهن اٺن جي ڊوڙ گهوڙن ۽ ڏاندن جي گوءِ ۽آخري ڏينهن تي ڪوڏي ڪوڏي ۽ والي بال راند جا مقابلا پڻ ٿيندا.