لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي اٺين ايڊيشن جي فائنل جو شيڊيول تبديل ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مينجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته پي ايس ايل 8 جي فائنل دوران برسات جو امڪان آهي جنهن ڪري پي سي بي ۽ فرنچائزز فڪرمند آهن ته فائنل ۾ رنڊڪ نه پوي. نجم سيٺي ٻڌايو ته پي ايس ايل جي فائنل کي سٺو بڻائڻ لاءِ پي ايس ايل جي فائنل کي ري شيڊولڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته پي ايس ايل جي اٺين ايڊيشن جو فائنل هاڻي 19 مارچ بدران 18 مارچ تي کيڏيو ويندو. نجم سيٺي ٻڌايو ته فائنل لاءِ پهريان کان خريد ڪيل ٽڪيٽون 18 مارچ تي استعمال جي قابل هونديون. واضح رهي ته پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز ڪواليفائر کٽي پي ايس ايل جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي.