لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف افغانستان خلاف پاڪستاني ٽيم جي چونڊ تي ناخوش آهي. هن چيو آهي ته سينئر رانديگرن کي آرام ڏيڻ جو فيصلو منهنجي نظر ۾ پاڪستان ٽيم جي تباهي لاءِ پهريون قدم آهي. ان صورتحال ۾ چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ريسٽ ان پيس. هن چيو ته سيريز ۾ کٽڻ هارائڻ جو فيصلو في الحال نٿو ڪري سگهجي، اها صورتحال ٽيم کي ٽوڙيندي آهي، جيڪڏهن ڪجهه رانديگر سٺو پرفارم ڪري سگهن ٿا پر ڇا اهي ٽيم ۾ بيهندا. هڪ يوٽيوب چينل تي انٽرويو ۾ راشد لطيف چيو ته اسان جا رانديگر وڏي عرصي کانپوءِ آءِ سي سي رينڪنگ ۾ اچڻ لڳا هئا، هن چيو ته جيڪي ماڻهو پاڻ 70، 80 سالن جا ٿي ويا آهن انهن کي زندگي ۾ ڪڏهن به ريسٽ ناهي مليو، هنن کي ريسٽ ملڻ گهرجي پر هاڻي اهي پاڪستان ڪرڪيٽ جي قسمت جو فيصلو ڪري رهيا آهن، ٺيڪ آهي ڪري وٺن.