پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل نوجوان پاران زال رسڻ تي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، قاضي واهه واسي حاڪم علي پٽ ڪالو خان مارواڙي زهريلي دوا پيتي، نوجوان کي وارث تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتا، وارثن جو چوڻ ھو ته نوجوان رٺل گهر واري کي وٺڻ ويو ته ساهرن کيس جواب ڏئي ڇڏيو، حاڪم واپس گهر اچي وونئڻن واري دوا پيتي، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آھي ته زھريلي دوا ڪڍي وئي آھي ھاڻ ھو خطري کان ٻاھر آھي.