فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج جي ڳوٺ خير محمد بهڻ واسي 22 سال جي عمران پٽ الهداد پنهنجي ڀاءُ رحمان سان ناراض ٿي ڪراچي جي هارون آباد واري علائقي ۾ ڪمري اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.نوجوان جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،وارثن موجب ٻئي ڀائر ڪراچي ۾ مزدوري ڪندا هئا، ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي عمران بهڻ خودڪشي ڪئي آهي، نوجوان جو لاش ڳوٺ خير محمد بهڻ پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي.