شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان پئسن جي ڏيتي ليتي تان ڀائرن ۾ جهيڙو، نوجوان پاران زهريلي جيت مار دوا پي آپگهات جي ڪوشش، طبي امداد بعد حيدرآباد منتقل. ان ڏس ۾ ڳوٺ باگو وداداڻي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان ٻن ڀائرن وچ ۾ جهيڙي بعد 20 ورهين جي نوجوان بابر شيخ گهر ۾ رکيل زرعي جيت مار دوا پي ڇڏي. نوجوان کي بيهوشيءَ واري حالت ۾ شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال آندو ويو، جتي طبي امداد ڏني وئي. ڊاڪٽرن موجب نوجوان جي جسم ۾ زهر ڦھلجي وڃڻ سبب حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. وارثن ٻڌايو ته نوجوان مزدوري ڪري پئسا ڪمائي گهر پهتو ته سندس ٻئي ڀاءُ پاران پئسا گهرڻ تان ٻنهي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ بابر ڪاوڙجي زهر پي ڇڏي.