ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڳوٺ رمضان مهر جي نوجوان منير احمد مهر پکي ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، فوتي جو موبائل پوليس کي مليو آهي، جنهن ۾ هن آخري ميسيج هڪ واٽسپ نمبر تي ڪيو ته هاڻي تون خوش رهجان، تون آباد رهجان مان هلان ٿو، منهنجي لاءِ مغفرت جي دعا ڪجان، دعا ۾ ياد رکجانءِ، فوتيءَ پکي ۾ رسو ٻڌڻ واري تصوير به واٽسپ ڪيون آهن. پوليس جڏهن اهڙو واٽس ايپ نمبر کي چيڪ ڪيو ته هڪ عورت جو ڪجهه تصويرون به آيل هيون.پوليس جو چوڻ ھو ته نوجوان پيار ۾ ناڪامي کانپوءِ اهڙو قدم کنيو آھي، وڌيڪ فوتي نوجوان جي موبائل فون مان ڊيٽا وٺي رهيا آهيون ۽ معلومات وٺي رهيا آھيون ته اهو نمبر ڪنهن جو آھي، پوليس لاش ڏهرڪي اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نصير چيو ته بس ڪجهه به نه ٿا ڳالهائي سگهون، ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته فوتي نوجوان پسند جو پرڻو ڪرڻ پئي چاهيو پر گهر وارن پسند جي پرڻي کان روڪيو هو جنهن بعد نوجوان اهڙو قدم کنيو.