پنوعاقل (رپورٽ:نديم بوزدار) پنوعاقل ۽ روھڙي جي ڪچي واري علائقي شاھ ٻيلي ۾ مھر برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ٻيھر ڪر کنيو آھي، ڌرين ھڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، مرتضيٰ مھر مارجي ويو آھي جڏھن ته ٽن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن نوجوان جو لاش پوليس اسپتال کڻائي پھتي، جتان قانوني ڪاروائي بعد لاش وارث کڻائي ويا ، ھوڏانھن کڏھڙي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آھي ته ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿيو آھي جنھن ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو ڪجهه ماڻھن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ آھن پر تصديق نه ٿي سگهي آهي ، جڏھن ته ذريعن دعوا ڪئي آھي فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آھن جن مٿان ڪيس داخل ٿيل آھن ۽ ھو روپوش آھن تنھن ڪري انھن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ناھي ڪيو ويو ، جڏھن ته آخري اطلاعن تائين زخمين جي نالن بابت تصديق نه ٿي سگهي آهي .