ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ نائين ڏهين جا امتحان جاري آهن،جڏهن ته لوڊشيڊنگ سبب شاگردن جو حال برو ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ سکر بورڊ پاران نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي سالياني امتحان دوران پيروسڻ جي ھاءِ اسڪول محمد شاھ سينٽر ۾ نائين درجي جي پيپر دوران امتحاني سينٽر ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ استادن جون شاگردن کي ڪاپي ڪرائڻ دوران سوال پيپر ۽ گائيڊن سميت تصويرون وائرل ٿي ويو، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي ڊيوٽي دوران شاگردن کي ڪاپي ڪرائيندڙ استادن مٿان سخت تنقيد جو سلسلو جاري آهي. ٻئي پاسي ميرپورخاص ۾ نائين ڪلاس جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا پيپر ورتا ويا، امتحانن دوران مختلف سينٽرن تي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت گرمي سبب پريشان رهيون. هوڏانهن عمرڪوٽ ۾ نائين ڪلاس جي ميٿاميٽڪس پيپر دوران ڪاپي جو سلسلو جاري رھيو ۽ پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو، واٽس ايپ ذريعي ڪاپي ڪرائڻ واري عمل سميت امتحاني مرڪزن ٻاھران نوجوانن جا ميڙ متل رھيا ۽ انتظاميه 144 قلم تي عمل ڪرائي نه سگھي.