ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي اڄ رٿيل جلسي جي تيارين بابت ايس يو پي جي ڊويزنل صدر منظور ميمڻ جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اڄ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪميٽيون جوڙي جلسي گاھ جو روٽ پڻ طئي ڪيو ويو، ان موقعي تي منظور ميمڻ جو چوڻ ھو ته جلسي ۾ قومپرست پارٽين جا اڳواڻ قادر مگسي، رياض چانڊيو، نواز خان زئور، ڊاڪٽر رسول بخش، اسلم خيرپوري ،روشن ٻرڙو، وسند ٿري ۽ ٻيا خطاب ڪندا، شيڊول موجب قومپرست اڳواڻ ميرپورخاص ٽول پلازه تي پھچڻ وقت سوين ڪارڪن استقبال ڪندا ۽ ريلي جي صورت ۾ گاما اسٽيڊيم واري روٽ کان ايس ايس پي آفيس وارو روڊ وٺي اسٽيشن پھچندا، جنھن بعد مارڪيٽ چوڪ جلسي گاھ واري ھنڌ پھچندا. اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي ته جلسي ۾ شرڪت ڪري ٻڌي جو ثبوت ڏنو وڃي.