پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل مان اغوا ٿيل صحت کاتي جي ملازم مختيار ڪلوڙ جي بازيابي عمل ۾ نه اچي سگھي آھي، اشيوا يونين طرفان ملازم جي بازيابي لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل ۾ ٻن ڪلاڪن تائين او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ايم ايس صلاح الدين اڄڻ، ايم ايل او ڊاڪٽر آصف شيخ، منير انڍڙ، شوڪت ملاڻو، عاشق چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي صحت کاتي جي ملازم مختيار ڪلوڙ جي جلد بازيابي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي ، ھوڏانھن بائجي پوليس اغوا ٿيل صحت کاتي جي ملازم سميت پنجني مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ ناھن ورتا جنھن ڪري مغوين جي وارثن ڳڻتي واري صورتحال ڇانيل آھي.