خيرپور (رپورٽر) ڪولاب جيئل ڀرسان ڳوٺ ولي محمد ڪانڌڙو جا عورتاڻي آواز تي گهرائي اغوا ڪيل مامو ڀاڻيجو مختيار ڪانڌڙو ۽ مسعود ڪانڌڙو بازياب ٿي گهر پهچي ويا. مغوين جي گهر پهچڻ کان پوءِ سندن گهر ڀاتين ۾ خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي. ياد رهي ته 8 ڏينهن اڳ مختيار ڪانڌڙو ۽ مسعود ڪانڌڙو کي عورتاڻي آواز تي گهرائي اغوا ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ڏوهارين مغوين جي وارثن کي فون ڪري کانئن 8 لک رپيا ڀنگ گهريو ويو هو، وارثن پاران پوليس سان رابطو ڪري پوليس کان مدد گهرڻ جي باوجود پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوبه سنجيده ڪردار ادا نه ڪيو هو. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته مغوي مختيار ڪانڌڙو ۽ مسعود ڪانڌڙو جي وارثن چار لک رپيا ڀري کين آزاد ڪرايو آهي جڏهن ته پوليس مغوين جي بازيابي بابت لاعلم بڻيل رهي.