ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان اغوا ٿيل ڪوئيٽا واسي ڪرين مشين جا 2 ڊرائيور بازياب، پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ، علائقي ۾ چوٻول آهن ته ٻنهي ڄڻن جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن وسيلي ٿي آهي. خبر موجب 40 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل ڪرين مشين جا 2 ڊرائيور ڪوئيٽا واسي محمد قدوس ۽ عمر پٺاڻ بازياب ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ ٻنهي ڄڻن کي پوليس مقابلي دوران ڪچي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ٻنهي ڄڻن جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن وسيلي ٿي آهي. پوليس ٻنهي ڄڻن کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، مغيون جي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي. واضح رهي ته ٻنهي ڄڻن کي ڌاڙيلن اغوا ڪرڻ بعد سندن بازيابي لاءِ 40 لک ڀنگ طلب ڪيو هو.