پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل ۾ مسجد جي ڇت تي بيدردي سان قتل ڪيل نينگر آفاق واگهو سان روهڙي ليباريٽري به بدفعلي جي تصديق ڪري ڇڏي آھي، رپورٽ موجب ڪجهه مهينا اڳ مهراڻ ڪالوني ۾ محمدي مسجد جي ڇت تان آفاق واگهو جو لاش مليو هو، نينگر کي گهٽا ڏئي ۽ تشدد ڪري بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، ڊاڪٽرن پاران سندس جزا ڪڍي روهڙي جي ڪيميڪل ليبارٽري اماڻيا ويا ھئا، جيڪا رپورٽ پازيٽو اچي وئي آھي، روهڙي ليبارٽري جي ڊاڪٽر فيروز الدين ڌاريجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آھي، جنھن ۾ نينگر سان بدفعلي بعد تشدد ڪري قتل جي تصديق ٿيل آھي، نينگر جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي، جنهن ۾ مک جوابدار الياس جتوئي سميت 3 جوابدار گرفتار ٿيل آھن.