راڌڻ: (ن پ ا) ميھڙ شھر جي وي آء پي روڊ ڀرسان واپاري طفيل احمد ايري جي گھر ۾ داخل ٿي مبينا چوري جي ڪوشش واري واقعي جو پ پ قيادت جو نوٽيس وٺي چوري ڪرڻ واري الزام ۾ گرفتار پرويز پنھور جي بنيادي ميمبر شپ ختم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته صدام ٻلھڙو ء ولايت چانڊيو کي عھدن تان ھٽايو ويو آھي. پ پ ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري غلام دستگير ڳورڙ ٻڌايو ته ايري برادري سان اسان کي ھمدرديون آھن، پاڪستان پيپلز پارٽي شھر جي ڪنھن به ماڻھو سان زيادتيون ٿيڻ برداشت نه ڪنداسين. گرفتار پرويز پنھور جي بنيادي ميمبر شپ ختم ڪري پ پ يوٿ ضلعي دادو جي نائب صدر ولايت چانڊيو ۽ پ پ يوٿ ضلعي دادو جي انفارميشن سيڪريٽري صدام ٻلھڙو کي عھدن تان ھٽايو ويو آھي.