حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) نيب پاران پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ڄام خان شورو ۽ اسريٰ هائوسنگ اسڪيم ۾ مبينا طور سرڪاري زمين جعلسازي ذريعي منتقل ٿيڻ تي جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن ڏينهن کان نيب ڪراچي جي هڪ ٽيم جاچ آفيسر غلام عباس جي سربراهي ۾ قاسم آباد تعلقي مختيارڪار آفيس پهچي زمينن جي پيل رڪارڊ جو تفصيلي جائزو وٺي رهي آهي، جڏهن ته ٽيم قاسم آباد تعلقي جي ديهه شاهه بخاري، ديهه مرزا پور ۽ ديهه ڄامشورو جو ڪجهه رڪارڊ تحويل ۾ پڻ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪارروائي دوران ٽيم پاران زرعي توڙي خانگي اسڪيمن لاءِ وڪرو ڪيل زمين جو رڪارڊ به ڏٺو پيو وڃي. گڏوگڏ سرڪاري زمينن جي حوالي سان مختلف شهرين پاران نيب کي سڌي ريت پهتل شڪايتن کي نظر ۾ رکندي سرڪاري زمينن جي رڪارڊ بابت به آفيس ۾ موجود عملي کان پڇاڻو ڪري رڪارڊ جون تصويرون موبائيل فون ذريعي ٺاهيون پيون وڃن. ذريعن اها به تصديق ڪئي ته نيب جي ٽيم هٽڙي باءِ پاس واري علائقي ۾ شروع ڪيل هائوسنگ اسڪيمن جي رڪارڊ بابت به پڇا ڳاڇا ڪئي آهي ۽ آفيس ۾ پيل ڄاڻايل اسڪيم جي سموري رڪارڊ جو تفصيلي جائزو وٺندي ڪجهه رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪجهه رڪارڊ عملي پاران آفيس ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي ٽيم کان لڪايو ويو آهي. نيب جي ڪارروائي بابت ذريعن اهو به ٻڌايو ته پيپلزپارٽي جي ٻن ايم پي ايز فلاحي ادارن لاءِ مختص ڪيل سرڪاري زمين هائوسنگ اسڪيمن کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي جنهن خلاف نيب پاران ڳجهي نموني جاچ شروع ڪئي وئي آهي. نيب جي ٽيم اسريٰ هائوسنگ اسڪيمن ۾ مبينا طور سرڪاري زمين شامل هئڻ تي ان رڪارڊ جي به ڳولا لاءِ ڪارروائي ڪئي هئي پر ان مان ڪجهه رڪارڊ نيب کي اڃا هٿ نه اچي سگهيو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ به نيب جي ٽيم پاران مختيارڪار قاسم آباد جي آفيس ۾ ڇاپو هنيو ويو هو جنهن دوران به نيب جي ٽيم ڪجهه اهم رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي وئي هئي. هوڏانهن نيب پاران پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو سميت 18 ڄڻن خلاف 20 ايڪڙ سرڪاري زمين جا کاتا پنهنجي نالي ڪرائڻ خلاف ريفرنس داخل ٿيل آهي جنهن ۾ پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو سميت 18 جوابدارن ابتدائي طور ڪراچي جي عدالت مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي هئي. بعد ۾ اهو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد منتقل ٿيو جتي گذريل هفتي عدالت 17 جوابدارن جي پڪي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو جي پڪي ضمانت لاءِ 7 جولاءِ تي ٻڌڻي رکيل آهي. ٻئي طرف احتساب عدالت پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو سميت سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ڪيس ۾ نيب پاران گواهن جا بيان رڪارڊ ڪرايا پيا وڃن ان لاءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب کي ڪجهه رڪارڊ گهربل آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٽيم گذريل ٽن ڏينهن کان روزانو قاسم آباد مختيارڪار آفيس ۾ پهچي 3 کان 5 ڪلاڪن تائين رڪارڊ جو جائزو پئي ورتو.